شائق واڌو مل لالچند لعل

‘شائق’ واڌو مل لالچند لعل: هندستان جي نامور سنڌي فنڪار، موسيقار، اداڪار ۽ ليکڪ واڌو مل لالچند لعل ‘شائق’ جو جنم 08 سيپٽمبر 1921ع تي سکر، سنڌ ۾ ٿيو. سندس تعليم سينيئر ڪئمبرج هئي. هيءُ سنڌ جو نامور فنڪار ۽ موسيقار هو. هن سون جي تعداد ۾ گيت، غزل ۽ ڀڄن چيا. ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ ۾ لاهور مان نڪرندڙ ٻين فنڪارن جي ڪلامن جي موسيقي ترتيب ڏني. هن نامور سنڌي فنڪار ڀڳت ڪنوررام جي چيل ڪلامن جي پڻ موسيقي تيار ڪئي. واڌومل هزماسٽرس وائيس ۽ ڪولمبيا رڪارڊنگ ڪمپنيءَ ۾ ميوزڪ ڊائريڪٽر ۽ رڪارڊنگ مئنيجر پڻ رهيو، جنهن دوران ماسٽر چندر، رونا ليليٰ، ڪنور ڀڳت ۽ جيوڻي ٻائيءَ سميت ڪيترن ئي استاد فنڪارن کي متعارف ڪرايائين. ورهاڱي سبب هندستان هليو ويو، جتي ڀوپال ۾ رهائش اختيار ڪيائين. واڌو مل شاعر پڻ هو. هن ڪيترائي گيت ۽ ڀڄن لکيا ۽ ڪجهه ناٽڪن ۾ اداڪاري پڻ ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1921.09.08  عيسوي

واڌو مل لالچند لعل ‘شائق’ جو جنم 08 سيپٽمبر 1921ع تي سکر، سنڌ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خانبهادر سيد محمد ڪامل شاهه
شاهد ڀٽو
جلال الدين سيوطي
استاد نبي بخش مڱڻهار
حبيب ابراهيم رحمت الله
سيد محمد مڪي1
ترخان مرزا غازي بيگ
خليل کوسو
خافي خان
چوڌري فضل الاهي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون